14 بدھ , نومبر 2018

شريف خاندان جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو مناسب وقت ناهي: نگران حڪومت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري نگران وزير علي ظفر چيو آهي ته اي سي ايل ۾ نالو وجهڻ جو طريقيڪار آهي، ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالو وجهڻ لاءِ ڪابينا منظوري ڏيندي آهي، ذلفي بخاري جو نالو اي سي ايل ۾ نه هو، جڏهن ته بليڪ لسٽ نالو ڪنهن به وقت ڪڍي سگهجي ٿو. نگران سڌ سماءَ واري وزير علي ظفر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شريف خاندان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ نيب مان درخواست آئي آهي، هن وقت نواز شريف ملڪ کان ٻاهر آهي، جڏهن اڳوڻو وزيراعظم واپس ايندو ته ڏسنداسين. هن چيو ته اسان معاملي تي ڪميتي جوڙي ڇڏي آهي، اسان ڪلثوم نواز جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. سندس چوڻ هو ته نيب مريم نواز جو نالو به اي سي ايل ۾ وجهڻ جو چيو آهي، سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. علي ظفر خان چيو ته گورنرن جي حوالي سان به شڪايتون ملي رهيون آهن، جيڪڏهن ڪو شخص تڪراري آهي ته کيس هٽائڻ گهرجي. هن چيو ته وقت تي چونڊون ڪرائڻ اسان جي ذميواري آهي، وقت تي چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪنهن کي شڪ نه هئڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے