16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: شڪارپور: ٽي  پورهيت مبينا طور هٿياربندن هٿان   اغوا،  سندن بازيابي لاءِ  احتجاج

Shikarpur: Three workers allegedly kidnapped, Protest against their freedom*شڪارپور  جي ڀٽائي ڪالوني جي رهواسي  ٽن پورهيتن کي هٿياربند  اغوا ڪري ويا آهن ، يرغمالين جي وارثن پاران سندن بازيابي لاءِ  انڊس هاءِ وي تي احتجاج ڪيو ويو

ڪاليج روڊ تان ھزار خان چاچڙ، حبيب الله  چاچڙ ۽ عرفان چاچڙ کي ٽن ڪارُن ۾ سوار ھٿياربند ڏينھن ڏٺي جو اغوا ڪري ويا

ان موقعي تي مغوين جي وارثن ٻڌايو ته ڏينهن ڏٺي جو سندن همراهن کي اغوا ڪيو ويو آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي.

هنن ٻڌايو ته اغواڪارن جو تعلق بلوچستان سان آهي جن جا واسطا ڪنڌڪوٽ ۽ سکر ۾ رھندڙ چاچڙ برادري سان آھن.

 هنن چيو ته سندن چاچڙ برادري سان تڪرار هلندڙ آهي کين خدشو آهي ته سندن نوجوانن جو اغوا ٿيڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته سندن نوجوانن کي ترت آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڳاڙهو: ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان ڳوٺ حاجي صديق شاھ ۾ تلاءَ جو افتتاح

ڪيٽي بندر ۾ ڪم ڪندڙ ملٽيزر انٽرنيشنل طرفان يوسي ٻيٽ ميھار جي ڳوٺ حاجي صديق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے