20 منگل , نومبر 2018

لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ شريف خاندان جي ملڪيت آهي: چوڌري اعتزاز احسن

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته هارلي اسٽريٽ ڪلينڪشريف خاندان جي ملڪيت آهي، جتي دل جو باءِ پاس ٿيندو آهي. لاهور ۾ بينظير ڀٽو جي سالگره تقريب کي خطاب ڪندي چوڌري اعتزاز احسن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پڪ آهي ته کيس سزا ٿيندي، تنهن ڪري دير جا طريقا استعمال ڪري رهيو آهي، سڀ ڪجهه شهباز شريف جو پتو ڪاٽڻ لاءِ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته بينظير ڀٽو پنهنجو علاج سکر جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ ڪرايو، اهو نه ٿي ڪيس هلي رهيو هجي ۽ هارلي اسٽريٽ وڃي رهي هجي. سندس چوڻ هو ته ماڻهو چون ٿا ته هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ جي ٻاهران ڪا خبر نه ايندي آهي، هارلي اسٽريٽ ٻاهران سندس مفرور پٽ اچي ڳالهائيندو آهي. چوڌري اعتزاز احسن چيو ته  نواز شريف چاهي ٿو ته ايندڙ حڪومت ۾ مريم نواز کي وزيراعظم يا وري مخالف ڌر جو اڳواڻ بڻايو وڃي. هن چيو ته نواز شريف پهريون به شهباز شريف کان به ڌڪ ڪيو، اعلان شهباز شريف جو ڪيو ۽ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي بڻايو. سندس چوڻ هو ته شريف خاندان جا هاٿي وانگر ڏيکارڻ جا هڪ ۽کائڻ جا وري ٻيا هٿ آهن. چوڌري اعتزاز احسن چيو ته جيالا 25 جولاءِ تي پولنگ اسٽيشنز تي رهندا ۽ فتح جا دهل وڄائيندي واپس ايندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے