20 منگل , نومبر 2018

پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جي اثاثن جي تفصيل اچي وئي

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جي اثاثن جي تفصيل به منظر تي اچي وئي جنهن موجب راڻا ثناءُ جي اثاثن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 3 ڪروڙ 56 لک رپين جي واڌ ٿي. جاري ڪيل اثاثن موجب راڻا ثناءُ الله جي 5 اڪائونٽن ۾ 60 لک 74 هزار رپين جي رقم موجود آهي ۽ 10 ايڪڙ زرعي ايراضي، 9 دڪان، 2 پلازه به سندس ملڪيت ۾ آهن. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سندس اثاثن ۾ 3 ڪروڙ 56 لک رپين جي واڌ سان گڏ راڻا ثناءُ الله 7 ڪروڙ 84 لک 52 هزار 271 رپين جا اثاثا ظاهر ڪيا. دستاويزن موجب 3 گهر ۽ 4 پلاٽ به راڻا ثناءُ الله جي ملڪيت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے