16 جمعہ , نومبر 2018

خواجا سعد رفيق ناراض ليگي اڳواڻ زعيم قادري کي پرچائڻ لاءِ سندس گهر پهچي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق ناراض ليگي اڳواڻ زعيم قادري کي پرچائڻ جي لاءِ وٽس پهچي ويو. ميڊيا جي رپورٽن موجب زعيم قادري ن ليگ طرفان چپنڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ ٽڪيٽ نه ملڻ تي ناراض ٿيو ۽ ان سلسلي ۾ هن اهم پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ هن آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو ۽ خواجا سعد رفيق ۽ راڻا مشهور لاهور جي علائقي ٽائون شپ ۾ زعيم قادري جي گهر پهتا جتي هو زعيم قادري کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. ٻڌايو پيو وڃي ته خواجا سعد رفيق کي لنڊن مان شهباز شيرف هدايت ڏني جنهن تي عمل ڪندي هو زعيم قادري کي پرچائڻ لاءِ پهتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قطري شهزادي جا خط پنهنجي دفاع لاءِ پيش نه ڪيا آهن: نواز شريف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف احتساب عدالت ۾ پڇيل سوالن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے