18 اتوار , نومبر 2018

ڪراچي ۾ دفاعي اعتبار سان تعمير ڪيل ڀتين تان به اشتهار هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ شهر ۾ دفاعي اعتبار سان تعمير ڪيل ڀتين تان به اشتهار هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ اشتهاري ڀتين بابت نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ عدالت طرفان طلب ڪرڻ تي ڪنٽونمنٽ بورڊ ۽ آئوٽ ڊور اشتهار ايسوسي ايشن جا نمائندا پيش ٿيا. چيف جسٽس ڪنٽونمنٽ بورڊ کان پڇاڻو ڪيو ته شهر ۾ لڳل اشتهاري ڀتين جو ڇا ٿيو؟ ان تي اختيارين ٻڌايو ته اڪثر ڀتيون ڪيرايون ويون آهن، شاهراهه فيصل تي به ڪنٽونمنٽ جي حد ۾ بڻيل ڀتيون ڪيرايون ويون آهن. ان موقعي تي آئوٽ ڊور ايڊور ٽائزر ايسوسي ايشن جي عهديدارن چيو ته اسان جا 15 ارب رپيا لڳل آهن ان جي ڪا ميڪنزم بڻايو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان ائين ڪا به اجازت نٿا ڏئي سگهون، توهان ماڻهن من پسند جاين تي کنڀا ۽ بورڊ لڳائي شهر جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو هو، توهان پنهنجي نقصان جا پاڻ ذميوار آهيو، وڃي ڪنهن ٻئي واپار جو سوچيو. جسٽس ثاقب نثار سهر ۾ دفاعي اعتبار سان تعمير ڪيل ڀتين سان به اشتهار هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته درخواستون اُڪلائي ڇڏيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے