17 ہفتہ , نومبر 2018

پشاور ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 19 سيٽن تي 287 اميدوار ڪليئر

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ پنج قومي  ۽ 14  صوبائي  اسيمبلي  جي سيٽن لاءِ  287  اميدوارن  جا نامزدگي ڪاغذ  درست قرار   جڏهن ته 15 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ  رد ڪري ڇڏيا آهن .  پشاور ۾ 5 قومي ۽ 14 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ اميدوارن جي جانچ پڙتال  مڪمل ڪئي وئي آهي . ريٽرنگ آفيسر طرفان حتمي فهرست جاري ڪئي وئي ، جنهن موجب قومي اسيمبلي  جي سيٽ  اين اي 27 جا 13 ، اين اي 28 ،  جون 9 ، اين اي 29  جا 13  ، اين اي 30 جا 15  ۽ اين اي 31 جا 18 اميدوار ن جا نامزدگي ڪاغذ  درست قرار  ڏنا ويا آهن  . تڪ اين اي 27 پشاور ون مان عاصيمه جهانگير  ، نور عالم خان ۽ غلام علي سميت 13 اميدوار  ميدان ۾ آهن . تڪ اين اي 28  تي گورنر ڪي پي  جي پٽ سميت  15 اميدوار  چونڊن ۾ حصو  وٺندا .  تڪ اين اي 29   تان  ارباب عالمگير  ۽ امير مقام  سميت 13 اميدوار  آمهون سامهون هوندا .  تڪ اين اي  30 مان  11 اميدوار  اليڪشن وڙهنداسين .  جڏهن ته  تڪ اين اي 31 تان غلام احمد  بلور ۽ ضياءُ اللهه آفريدي  سميت 18 اميدوار ميدان ۾ آهن .  اهڙي نموني  صوبائي اسيمبلي  جي 14 سيٽن  لاءِ  تڪ پي ڪي 66 تان 18 ، تڪ 67 تان 15 ، تڪ 68 تان 16،  تڪ 69 تان 15، تڪ 74 تان 16  ، تڪ 75  تان 30 ،  تڪ 76 تان 33 ،  تڪ ت77 تان 16 ، تڪ 78  تان  27  ، تڪ  79 تان 23 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ  درست قرار ڏنا ويا آهن ،.  جڏهن ته مختلف تڪن جي 15 اميدوارن  جا نامزدگي ڪاغذ  رد  ڪري ڇڏيا  آهن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے