20 منگل , نومبر 2018

ڪراچي جي عوام جي ٽينڪرز مافيا مان جان ڇڏرائينداسين: چيف جسٽس

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته شهر جي رهواسين کي هر حال ۾ صاف پاڻي ڏيڻو آهي اسان ٽينڪرز مافيا کان ڪراچي جي عوام جي جان ڇڏرائينداسين. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار ڪئي. حڪومت طرفان سيڪريٽري آبپاشي عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سمنڊ جو حال ڏسو، افسوس آهي ته بوتلون ۽ غلاظت جو ڍير آهي، روزاني 450 ملين گيلن سيوريج سمنڊ ۾ پئي وڃي. منڇر ڍنڍ جي صفائي نه ٿيڻ ۽ خراب پاڻي تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان 14.5 ارب رپين مان هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو آئون پاڻ منڇر ڍنڍ جو دورو ڪندس. سيڪريٽري آبپاشي جواب ڏنو ته منڇر ڍنڍ مان روزاني 300 ملين ڪيوسڪ پاڻي ملندو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته منڇر ڍنڍ مان پاڻي ملڻ جي باوجود ڪراچي ۾ ٽينڪر مافيا جو راڄ آهي، شهر جي رهواسين کي هر حال ۾ صاف پاڻي ڏيڻو آهي اسان ٽينڪر مافيا کان ڪراچي جي عوام جي جان ڇڏرائينداسين. 10 سالن کان هن حڪومت ڇا ڪيو؟ هاڻ سپريم ڪورٽ پاڻ مانيٽر ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا کي اسان جون قربانيون تسليم ڪرڻ گهرجن: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے