13 منگل , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي: نگران وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نگرنا وزير اعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جو چوڻ آهي ته صاف، شفاف ۽ غير جانبدار چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي. تفصيل موجب نگران وزير اعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن ۾ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ نگران وزير اعظم کي عام چونڊن جي تيارين جي حوالي سان تفصيل بابت آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن وزير اعظم کي چونڊن جي تيارين تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي نگران وزير اعظم ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته عام چونڊن ۾ سيڪيورٽي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. نگران وزير اعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے