21 بدھ , نومبر 2018

تحريڪ انصاف جي عبدالعليم خان زعيم قادري کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف زعيم قادري کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عبدالعليم خان چيو آهي ته مسلم ليگ ن هميشه ڪارڪنن جو استحصال ڪيو آهي.  زعيم قادري تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو فيصلوڪري سندس ڀليڪار ڪنداسين. ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عبدالعليم خان زعيم قادري کي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي دعلت ڏني. هن چيو ته زعيم قادري تحريڪ انصاف ۾ اچي اسان سندس استقبال ڪنداسين. مسلم ليگ ن جي اصليت سامهون اچي چڪي آهي. ان پارٽي هميشه ڪارڪنن جو  استحصال ڪيو آهي. زعيم قادري تحريڪ انصاف ۾ اچڻ جو فيصلو ڪري اسان سندس شاندار استقبال ڪنداسين. هن چيو ته زعيم قادري پڪو سياسي اڳواڻ آهي هن کي حق ملڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے