21 بدھ , نومبر 2018

اقتدار ۾ اچي فيڪٽريون ناهن بڻايون ۽ نه ئي انتقامي ڪارروائي ڪئي: چوڌري نثار

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ناراض ليگي اڳواڻ چوڌري نثار علي خنا چيو آهي ته اقتدار ۾ اچي پنهنجا کيسا نه ڀريا، نه ئي فيڪٽريون ۽ پيٽرول پمپ بڻايا. هن چيو ته واحد شخص آهيان جيڪو 8 ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو پر اڄ تائين ڪنهن جي خلاف انتقامي ڪارروائي ناهي ڪئي. روات ۾ جلسي سان خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته اڄوڪو جلسو ڏسي منهنجو حوصلو وڌيڪ بلند ٿي ويو آهي، مخالف منهنجي مقابلي ۾ هڪ ننڍڙو جلسو به نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته مخالفن جو منهنجي تڪ سان ڪو به واسطو ناهي، اليڪشن ۾ تقريرون ڪرڻ آسان ڪم آهي پر تڪ جو ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، مون پنهنجي تڪ ۾ ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا. چوڌير نثار چيو آهي ته منهنجي تڪ ۾ ٽڪيٽ وارو يا بنا ٽڪيٽ وارو سڀني کي شڪست ملندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏکڻ ڪوريا جي ڪم جونگ ينگ کي ٻن سالن لاءِ انٽرپول جو صدر چونڊيو ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ ڪوريا جو ڪم جونگ ينگ کي 2 سالن جي مدت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے