19 پیر , نومبر 2018

عابد شير علي ڪروڙ پتي پر گاڏي کان محروم، بينڪ ۾ ڏيڍ ڪروڙ رپيا موجود

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي مملڪتي وزير عابد شير علي جي اثاثن جي تفصيل به سامهون اچي وئي، عابد شير علي جي ڪل اثاثن جي ماليت 9 ڪروڙ 4 لک رپيا ظاهر ڪئي آهي جڏهن ته هن پنهنجي بينڪ اڪائونٽ ۾ هڪ ڪروڙ 45 لک رپيا ظاهر ڪيا آهن. تفصيل موجب عابد شير علي پنهنجي اثاثن ۾ اسلام آباد ۾ قائم ڪوٺي جي ماليت رڳو 7 لک 75 هزار رپيا ظاهر ڪئي آهي جڏهن ته آمدن ۾ رڳو پگهار، پلاٽن جي مڪمل تفصيل به جمع ناهي ڪرائي ۽ 2016ع جي پرڏيهي سفر جي ڄاڻ به ناهي ٻڌائي.  عابد شير علي ڏانهن 5 ڪروڙ 10 لک قرض جون رهتون آهن، 2 پلاٽ خريدڻ جي لاءِ 98 لک 65 هزار رپيا ادا ڪيا ويا آهن جڏهن ته اسلام آباد ۾ هڪ پلاٽ جو اڌ مالڪ به آهي. هن جي هڪ بينڪ اڪائونٽ ۾ 1 ڪروڙ 80 لک، ٻئي ۾ 11 لک 79 هزار موجود آهن. ٻئي پاسي عابد شير علي جي گهرواري بينڪ بيلنس سميت 2 ڪروڙ 30 لک 54 هزار جي مالڪياڻي آهي ۽ هن وٽ 200 تولا سون به آهي. عابد شير علي جي گهرواري فاطمه عابد جي ايل ڊي اي سٽي ۾ 2 ڪنال ايراضي جي قيمت 74 لک ظاهر ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن مقصد لاءِ قربانيون ڏنيون ان کي حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته هاڻ اسان هائبرڊ عسڪريت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے