19 پیر , نومبر 2018

آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي تحت اليڪشن ٿيندي نظر نه پئي اچي: سراج الحق

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي تحت اليڪشن ٿيندي نظر نه پئي اچي دبئي ۾ ڪرپٽ اشرافيا جا 2 کرب 50 ارب رپيا پيل آهن 339 ارب ڊالر سوئٽزر لينڊ جي بينڪن ۾ موجود آهن. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اها رقم واپس کڻي اچي ته قرض لهي ويندا. عيد ملن پارٽي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته الله موقعو ڏنو ته وياج واري نظام کي جاءِ تي سٺو نظام آڻينداسين. عوام ڪرپٽ ماڻهن جو ووٽ جي ذريعي آپريشن ڪري. دبئي ۾ ڪرپٽ اشرافيا جا 2 کرب 50 ارب رپيا پيل آهن جڏهن ته  339 ارب ڊالر سوئٽزرلينڊ جي بينڪن ۾ موجود آهن. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ اها رقم واپس آڻي ته قرض لهي سگهي ٿو. اليڪشن جي حوالي سان ڄاڻي واڻي بي يقيني پکيڙي وئي آهي. آرٽيڪل 62 ۽ 63 جي تحت اليڪشن ٿيندي نظر نه پئي اچي. لڳي ٿو ته پيسن جي بنياد تي اُهي ئي ماڻهو ٻيهر اقتدار ۾ ايندا. اليڪشن مان وڏيون اميدون هيون پر مايوسي ٿي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي ۾ چيف جسٽس جي فيصلي تي مطمئن آهيون: طاهر القادري

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے