13 منگل , نومبر 2018

منهنجو ڪو به ذاتي گهر ناهي:ڪي پي جو نگران وڏو وزير

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪي پي جي نگران  وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ  دوست محمد  خان پنهنجن اثاثن جي حوالي سان  خبرن تي رد عمل ظاهر ڪندي  چيو آهي ته  اثاثا ان جي 2016 -17  جي پگهار جي پگهار  جي حوالي سان آهي  جن مان تقريبن 25 لک رپيا ٽيڪس  ڪٽجي ٿو .  نگران وڏي وزير  واضح ڪيو ته  2005  ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ  جي 9 ججز  سميت ان کي به  سيڪٽر جي -14  اسلام آباد  ۾ پلاٽ  مليو هو  جنهن لاءِ هن پنج لک رپيا جمع ڪيا جنهن  جي اڌ بلاڪ  تي اڇا تائين انڪروچمينٽ  آهي ان کي اڃا تائين الاٽمينٽ  ناهي ملي .جڏهن ته  هائوسنگ  سوسائٽي  طرفان انفراسٽرڪچر   ڊولپمينٽ  جا خرچ  وڌا ويا آهن .  دوست محمد خان  وڌيڪ وضاحت ڪئي ته   هن جو ذاتي گهر به ناهي  ، جڏهن ته وراثت ۾   هن جي ٻن ڀائرن کي  گهر مليو  جڏهن ته گههر عيوض  هڪ پلاٽ ڏنو ويو . دوست محمد خان  چيو ته هن سپريم ڪورٽ ميمبرشپ لاءِ ٻه لک رپيا جمع ڪرايا آهن پر اڃا تائين هن کي پلاٽ ناهي مليو …

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے