21 بدھ , نومبر 2018

ملڪ ۾ رجسٽر ووٽرن جا انگ اکر جاري، ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ 8 عورت ووٽرز رجسٽرڊ ٿيل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان صوبن ۽ ضلعن جي ووٽرن جا انگ اکرن جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن موجب سڄي ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 10 ڪروڙ 59 لک 55 هزار 409 آهي. انگن اکرن موجب پنجاب ۾ ڪل رجسٽرڊ وُٽرن جو انگ 6 ڪروڙ 6 لک 72 هزار 870، سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 23 لک 91 هزار 244، خيبرپختونخواهه ۾ 1 ڪروڙ 53 لک 16 هزار 299 ۽ بلوچستان ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 42 لک 99 هزار 494 آهي. اهڙي ريت فاٽا ۾ رجسٽرڊ وُٽرن جو انگ 25 لک 10 هزار 154، اسلام آباد ۾ 7 لک 65 هزار 348 ۽ بهاولپور ۾ ڪل ووٽرن جو انگ 18 لک 81 هزار آهي. سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽر پنجاب صوبي ۾ آهن، ووٽرن جي لحاظ سان سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڏو ضلعو لاهور آهي جتي ووٽرن جو انگ 53 لک 98 هزار 623 آهي. پنجاب ۾ گهٽ ووٽرن وارو ضلعو حافظ آباد آهي جنهن ۾ 6 لک 84 هزار 447 آهن. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽر ڪراچي سينٽرل ۾ 18 لک 60 هزار 137 آهن ۽ سنڌ ۾ سڀ کان گهٽ ووٽر ٽنڊو محمد خان ۾ 2 لک 74 هزار 941 آهن.  سڄي ملڪ ۾ سڀ گهٽ ووٽر بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ 39 هزار 787 آهن، بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽر ڪوئيٽا ۾ 6 لک 83 هزار 957 آهن.  خيبرپختونخواهه ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽر ضلعي پشاور ۾ 16 لک 93 هزار 386 آهن، ڪي پي ۾ سڀ کان گهٽ ووٽر طور ڳڙهه ۾ 90 هزار 414 آهن. عورتن جي اعتبار سان سڄِ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ رجسٽرڊ ووٽر ڪراچي سينٽرل ۾ 8 لک 83 هزار 57 هزار آهن، بلوچستان جي ضلعي شيراڻي ۾ عورتن ووٽر جو انگ 17 هزار 38 آهي، ڪي پي ڪي ۾ عورت ووٽرن جو انگ سڀ کان گهٽ طور ڳڙهه ۾ 38 هزار 821 آهي، فاٽا ۾ ايف آر ٽانڪ ۾ عورت ووٽرن جو انگ 8 هزار 777 آهي. گهٽ ووٽرن جي لحاظ سان سڀ کان ننڍڙو ضلعو فاٽا جو ايف آر بنون آهي جتي ووٽرن جو انگ 12 هزار 446 آهي جڏهن ته فاٽا ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽر باجوڙ ايجنسي ۾ 4 لک 92 هزار 732 آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے