16 جمعہ , نومبر 2018

چونڊن لاءِ ساڍا 3 لک فوج ڏيڻ جي خاطري، اليڪشن ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪبو: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزارت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي عام چونڊن لاءِ پاڪ فوج جا ساڍا 3 لک اهلڪار ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. سڄي ملڪ ۾ 25 جولاءِ تي رٿيل عام چونڊن جون تياريون آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آهن.  اليڪشن ڪميشن ۾ بچاءَ واري وزارت کي خط لکي پاڪ فوج جي ساڍن 3 لکن اهلڪارن جون خدمتون طلب ڪيون.  ذريعن موجب بچاءَ وزارت اليڪشن ڪميشن جي درخواست جو غير رسمي جواب ڏئي ڇڏيو آهي جنهن ۾ عام چونڊن لاءِ ساڍا 3 لک فوجي اهلڪار ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ ان لاءِ ٻن سالن دوران رٽائرڊ ٿيندڙ اهلڪارن کي به طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب بچاءَ واري وزارت ٽنهي هٿياربند فوجن جي رٽائرڊ فوجين کي اليڪشن ڊيوٽين لاءِ طلب ڪيو آهي ۽ رٽائرڊ جوانن وٽ به مڪمل اختيار هوندا.  اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ پاڪ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت بيلٽ پيپرز جي چپائي ۽ رسائي  جو ڪم به فوج جي نگراني ۾ ڪيو ويندو ۽ پاڪ فوج جا جوان 27 جون تي پرنٽنگ پريس جي سڪيورٽي سنڀاليندا. عام چونڊن ۾ پولنگ کان 4 ڏينهن اڳ پاڪ فوج جي جوانن کي طلب ڪيو ويو آهي، پاڪ فوج جا جوان پولنگ اسٽيشنن اندر ۽ ٻاهر  مقرر هوندا جڏهن ته نهايت حساس پولنگ اسٽيشنن تي اهلڪارن جي اضافي نفري مقرر ڪئي ويندي.نگران وزيراعظم جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي اختيارين بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن شفاف، اڻ ڌريون چونڊون ڪرائڻ لاءِ مڪمل تيار آهي. سندس آمد جي موقعي تي نهايت سخت انتظام ڪيا ويا.  نگران وزيراعظم جي آمد کان اڳ ميڊيا جي نمائندن ۽ درخواستگذارن کي آفيس مان ٻاهر ڪڍيو ويو. جسٽس رٽائرڊ ناصر الملڪ جي اليڪشن ڪميشن آمد تي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب سندس شاندار آجيان ڪئي.  اليڪشن ڪميشن ۾ نگران وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ بند ڪمري ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ کيس عام چونڊن جي تيارين، سڪيورٽي معاملن ۽ ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب نگران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته عام چونڊن لاءِ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر اليڪشن ڪميشن شفاف،اڻڌري چونڊن لاءِ تيار آهي، جڏهن ته امن امان يقيني بڻائڻ لاءِ چونڊون فوج جي نگراني ۾ ڪرايون پيون وڃن. نگران وزيراعظم چيو ته وقت تي شفاف چونڊون يقيني بڻائڻ اسان جي ذميواري آهي. نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ عام چونڊون 2018ع جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر کي خاطري ڪرائي ته ملڪ جي انتظاميا غيرجانبداراڻي، شفاف ۽ آزاداڻي چونڊون ڪرائڻ ۾ اليڪشن ڪميشن کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي. چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته شفاف ۽ پرامن چونڊن جي لاءِ ملڪ جي سمورن ادارن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي  ته جيئن آئين جي بالادستي سان قوم جي اميدن تي پورو لهي سگهن ۽ اليڪشن ڪميشن هن قومي ۽ آئيني فرض کي بهتر طريقي سان ادا ڪري سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے