18 اتوار , نومبر 2018

پرويز مشرف آل پاڪستان مسلم ليگ جي صدارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Pervez Musharraf resigned from the chairmanship of the All-India Muslim Leagueدبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهيءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پرويز مشرف اي پي ايم ايل تان ڏنل استعيفيٰ اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏي آهي. استعيفيٰ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پرويز مشرف جو نالو پارٽي صدارت تان هٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. آل پاڪستان مسلم ليگ نئين سربراهه لاءِ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي جنهن موجب ڊاڪٽر امجد کي پارٽي سربراهه بڻائڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي ۽ پرويز مشرف پارٽيءَ جو سرپرست اعليٰ رهندو. اي پي ايم ايل ڊاڪٽر امجد کي پارٽي سربراهه بڻائڻ جي درخواست ڏيندي چيو ته پارٽي رجسٽريشن ۾ کيس سربراهه مقرر ڪيو وڃي، جڏهن ته پرويز مشرف پارٽيءَ جو سرپرست اعليٰ رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم قوم کي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومتي دور جا 100 ڏينهن پورا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے