13 منگل , نومبر 2018

شاهد خاقان عباسي اين اي 53 تي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

The PM directed the members of the PM to ensure attendance in the assembly for budget approvalاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نامزدگي فارم رد ڪرڻ جي رٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيليٽ ٽربيونل ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي. شاهد خاقان عباسي پنهنجي وڪيل طاهر محمود عباسي ايڊووڪيٽ ذريعي نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جي فيصلي کي اپليٽ ٽربيونل ۾ چئلينج ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم درخواست ۾ چيو ته ڄاڻي ٻجهي ڪي به حقيقتون نه لڪايون ويون آهن، نامزدگي ڪاغذن ۾ درستگي لاءِ تيار آهي، آر او قانون جي غلط تشريح ڪري نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا آهن. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته رٽرننگ آفيسر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي اين اي 53 اسلام آباد مان کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي. اليڪشن ڪميشن طرفان سڄي ملڪ ۾ هاءِ ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل 21 ٽربيونل قائم ڪيا ويا آهن تي رٽرننگ آفيسرن جي فيصلي خلاف اڄ تائين درخواستون داخل ڪري سگهجن ٿيون ۽ ٽربيونل 27 جون تائين اپيلن بابت فيصلا ڪندا. اسلام آباد لاءِ هڪ، ڪي پي ۾ 6، پنجاب ۾ 8، سنڌ ۾ 4 ۽ بلوچستان ۾ 2 ٽربيونل قائم ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے