18 اتوار , نومبر 2018

جمهوريت نمبر گيم آهي، نمبر هوندا ته عمران خان وزيراعظم ٿيندو: شاهه محمود قريشي

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جمهوريت نمبر گيم آهي، جيڪڏهن نمبر هوندا ته عمران خان وزيراعظم ٿيندو. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته  ٽڪيٽن جي ورڇ جو معاملو ڪڏهن سولو نه هوندو آهي، ٽڪيٽ جي معاملي تي ديانتداري سان ڪوشش ڪئي ته ميرٽ تي فيصلو ٿي، پي ٽي آءِ کي پارٽي ٽڪيٽن لاءِ تمام گهڻيون درخواستون مليون پر فيصلا ميرٽ تي ڪيا ويا. هن چيو ته هر تڪ ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار ٿيڻ لاءِ 15، 16 درخواستون مليون، جڏهن ته پشاور جي هڪ تڪ تي 70 کان وڌيڪ اميدوارن جون درخواستون مليون آهن. سندس چوڻ هو ته 2013ع جي مقابلي ۾ اڄ هر تڪ ۾ ڪيترن ئي اميدوارن جون درخواستون آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته ناراض ڪارڪنن ۾ عون عباس منهنجي پٽن وانگر آهي، بني گالا ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻين پارٽين جا مايوس ماڻهو پي ٽي آءِ طرف ڏسي رهيا آهن. تحريڪ انصاف جو ٻوٽو عمران خان پوکيو جنهن کي نقصان پهچڻ نه ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي شيخ محمد بن زيد سان دبئي ۾ ملاقات  

دبئي ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے