13 منگل , نومبر 2018

پاڪستان ۾ اڄ به باڪسنگ غير معروف آهي: عامر خان

Boxing is still unavailable in Pakistan: Amir Khanڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ کي تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي ۽ باڪسنگ کان اڄ غير معروف آهي. ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين سپر باڪسنگ ليگ جي پريس ڪانفرنس ۽ تعارفي تقريب کي خطاب ڪندي عامر خان چيو ته هن جي خواهش آهي ته پاڪستان ۾ باڪسنگ جو نئون ٽيلنٽ اڳيان اچي جيڪو عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري، پهرين پاڪستان باڪسنگ سپر ليگ 28 سپٽمبر کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندي، ان موقعي سپر باڪسنگ ليگ ۾ شامل ٽيمن جي مالڪن، شاهد خان آفريدي، راحت فتح علي خان، باڪسرن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جو وڏو انگ موجود هو. ان موقعي ته ٽيمن جي ڪٽ جي رونمائي پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته راحت فتح علي خان ليگ جي حوالي سان گيت پڻ پيش ڪيو، شاهد آفريدي جي ٽيم پختون واريئرز جي نالي سان ان ليگ ۾ حصو وٺندي جنهن جو هو اونر هوندو، جڏهن ته وسيم اڪرم ملتان نوابز سان گڏ آهي، لاهور ريمز جو مالڪ علي شيخ، ڪراچي ڪوبراز جو فهد مصطفيٰ ۽ سلمان اقبال، سيالڪوٽ شيرز جو اونر جهانگير رياض، فيصل آباد فيلڪنز جا راحت فتح علي خان ۽ سلمان اونر هوندا. ان حوالي سان عامر خان چيو ته پوري دنيا ۾ رانديگرن اٿليٽن لاءِ جم ۽ فٽنس سينٽر قائم آهن، پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ سهولتن جي اڄ به کوٽ آهي، منهنجو سموري ڌيان باڪسنگ جي طرف آهي، هن چيو ته هو پاڪستان مان باصلاحيت باڪسر سامهون آڻڻ چاهي ٿو، هي ليگ پڻ ان ڪوشش جو ئي حصو آهي. باڪسر عامر خان چيو ته هو پاڪستان باڪسنگ کي گهڻو ڪجهه ڏيڻ چاهي ٿو، هتي تمام گهڻو ٽيلنٽ آهي، محمد وسيم ۽ حسين شاهه اميچر کان پروفيشنل باڪسنگ ۾ ويا ۽ پنهنجو نالو ٺاهيو. هڪ سوال جي جواب عامر خان چيو ته پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن آئبا سان گڏ هلندي آهي اسان پاڪستان ۾ پروفيشنل باڪسنگ آڻي رهيا آهيون انڪري اسان جو پاڪستان باڪسنگ فيڊريشن سان ڪو به جهيڙو ناهي، ورلڊ باڪسنگ ڪونسل ئي پوري دنيا ۾ باڪسنگ جو سڀ کان وڏو اداررو آهي. عامر خان چيو ته پهرين پاڪستان باڪسنگ ليگ 28 سپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندي جنهن ۾ مردن سان گڏوگڏ عورتون پڻ شرڪت ڪنديون. 8 ٽيمن جا 98 باڪسر شرڪت ڪندا، ليگ جي هر ٽيم ۾ 10 مرد ۽ ٻه عورت باڪسر شامل هونديون، اميد آهي ته باڪسنگ ليگ پاڪستان باڪسنگ لاءِ بهترين ثابت ٿيندي، ڀارت ۾ ان جو ڪامياب انعقاد ٿي چڪو آهي محمد وسيم کي مخاطب ٿيندي عامر خان چيو ته کيس  به ليگ جو حصو ٿيڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

PCB Chairman Ehsan Mani will be visiting Karachi tomorrow

پي سي بي چيئرمين احسان ماني سڀاڻي ڪراچي پهچندو

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) پي سي بي چيئرمين احسان ماني پهرين دوري تي ڪراچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے