14 بدھ , نومبر 2018

احمد شهزاد تي طاقت واري دوا وپرائڻ جو الزام

Ahmed Shehzad fails dope testلاهور(اسپورٽس نيوز) احمد شهزاد تي ماري جوانا استمعال ڪرڻ جو الزام سامهو اچي ويو، احمد شهزاد جو ڊوپ ٽيسٽ ڊوميسٽڪ ميچ دوران ورتو ويو جيڪو مثبت اچڻ بعد اوپنر کاتي واري ڪاروائي کي منهن ڏئي رهيو آهي. ان حوالي سان پي سي بي جو چوڻ آهي ته هڪ رانديگر جو ڊوپ ٽيسٽ مثبت آيو هو پر نالو رپورٽ سامهون اچڻ بعد ٻڌايو ويندو. ذريعن وٽان تصديق ٿي چڪي آهي ته پڪڙ ۾ ايندڙ ڪرڪيٽر احمد شهزاد ئي آهي. اهي خبرون پڻ گردش ڪري رهيو آهن هن ئي مبينا طور تي ماري جوانا دوا واپرائي آهي، ممنوع يا نشي واري شيون جي استعمال تي حتمي بيان ڪرڪيٽ بورڊ کي جاري ڪرڻو آهي. احمد شهزاد کي وضاحت پيش ڪرڻ  جو موقعو  پڻ ڏنو ويندو ۽ جيڪڏهن الزام ثابت ٿيو ته کيس 3 مهينن تائين ڪرڪيٽ کان پاسيرو رهڻو پوندو. هوڏانهن پاڪستان کي پهرين جولائي کان 8 جولائي تائين زمبابوي ۾ شيڊول ٽي ملڪي ٽي 20 ڪرڪيٽ سريز ۾ شرڪت ڪرڻي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ انٽرويو ۾ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيو ته آئوٽ آف فارم هئڻ باوجود احمد شهزاد کي وڌيڪ موقعو ڏيڻ جو اشارو ڪيو هو ، پر موجودا صورتحال ۾ سندس ٽيم سان گڏ وڃڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر چيف سليڪٽر انضام الحق سان گڏجاڻي  ۾ احمد شهزاد وارو معاملي پڻ غور هيٺ آيو. ڊسپلين جي حوالي سان انتهائي سخت رويو رکندڙ مڪي آرٿر  ان کان اڳ خراب ڊسپلين رکندر ڪرڪيٽر عمر اڪمل کي ٽيم مان نيڪالي ڏياري چڪو آهي، انڪري احمد شهزاد کي پڻ ڊراپ ڪرڻ جا چٽا امڪان آهن، سندس جاءِ تي ٽيسٽ ڪرڪيٽر شان مسعود کي شامل ڪرڻ جو امڪان آهي. ويسٽ انڊيز سان ڪراچي ۾ ٽي 20 سريز جي ٽنهي ميچن ۾ فخر زمان ۽ بابر اعظم اننگز جي شروعات ڪئي هئي ۽ ڪامياب رهيا هئا، پر  هٿ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب بابر اعظم جي ٽي ملڪي سريز ۾ شرڪت جي شڪ واري صورتحال ڇانيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ: پاڪستان  پنجين نمبر تي اچي ويو

دبئي(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي جي ون ڊي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين ۽ پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے