13 منگل , نومبر 2018

چوڌري نثار جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ خلاف درخواستون رد

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي اپيليٽ ٽربيونل اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ خلاف درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عباد الرحمان لوڌي تي ٻڌل اپيليٽ ٽربيونل اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جي اين اي ، 59 پي پي 10 ۽ پي پي 12 تان نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٽيونل جي روبرو درخواستگذار شاهد اورڪزي موقف اختيار ڪيو ته وزيراعظم جي حيثيت ۾ نواز شريف جي دور ۾ سپريم ڪورٽ تي حملو ٿيو هو ۽ تنهن وقت چوڌري نثار به نواز شريف سان گڏ هو، ٽربيونل ۾ جمع ڪرايل حلفي بيان به نامڪمل آهي تنهن ڪري نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن. ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٽربيونل قرار ڏنو ته سپريم ڪورٽ تي حملي ۾ چوڌري نثار جي ملوث هئڻ جون ڪي به شاهديون فراهم نه ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سندس بيان حلفي به مڪمل آهي تنهن ڪري درخواستون رد ڪيون وڃن ٿيون. ٻئي طرف ٽربيونل اين اي 64 جهلم سان تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري جا نامزدگي منظور ڪرڻ خلاف درخواست تي به هفتي لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے