19 پیر , نومبر 2018

راج ڪمار هيراڻيءَ جڳ مشهور فلم”3 ايڊيٽس“ جي سيڪوئل ٺاهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

Raj Kumar indicated the creation of a "3 edit" movie, a popular movieممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ هدايتڪار راج ڪمار هيراڻيءَ  سال 2009 ريليز ٿيل مشهور فلم  ”3 ايڊيٽس“ جو سيڪوئل ٺاهڻ بابت سوچي رهيو آهي. جي ها هدايتڪار مشهور ۽ يادگار فلم ”3ايڊيٽس“ جو سيڪوئل جلد ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب راج ڪمار هيراڻي هن وقت پنهنجي فلم”سنجو“ جي مشهوري ۾ مصروف آهي جنهن بعد هو ”مناڀائي3“ جي تياري مڪمل ڪندو. انهن ٻنهي فلمن ۾ فارغ ٿيڻ بعد راج ڪمار هيراڻي فلم”3ايڊيٽس“ جي سيڪوئل تي ڪم شروع ڪندو جنهن جي اسڪرپٽ جو ڪجهه حصو پڻ لکيو ويو آهي. راج ڪمار هيراني چيو آهي ته هن جي ۽ مسٽرپرفيڪشنسٽ عامر خان جي اها خواهش هئي ته فلم جو سيڪوئل ضرور ٺهڻ گهرجي ۽ ٽنهي دوستن جي سفر کي اڳتي وڌايو وڃي. بهرحال فلم جي ڪاسٽ جي حوالي سان ڪا به تفصيل سامهون ناهي آئي. ياد رهي ته جڳ مشهور فلم ”3ايڊيٽس “ جي ڪهاڻي 3 دوستن تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ مرڪزي ڪردار عامر خان ادا ڪيو هو جڏهن ٻين ٻن دوستن ۾ شرمن جوشي ۽ ماڌون شامل هئا. فلم جي ڪاسٽ ۾ ڪرينا ڪپور ۽ بومن ايراني پڻ شامل هئا. رپورٽن موجب فلم ”3ايڊيٽس۾ جو سيڪوئل 2020 ۾ ريليز ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پريانڪا چوپڙاجو مڱيندو نڪ جونز ڪهڙي بيماري ۾ مبتلا آهي؟

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا جو ٿيندڙ مرس نڪ جونز شگر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے