12 پیر , نومبر 2018

قوال امجد صابري کي وڇڙي ٻه ورهيه وهامي ويا

The tribe of Amjad Siddiqui was defeated for two yearsڪراچي(شوبز نيوز) مشهور قوال امجد صابري کي مداحن کان وڇڙي 2 ورهه وهامي ويا. امجد صابري ٻه ورهه اڳ 22 جون تي رمضان جي ڀلاري مهيني دوران هڪ نجي ٽي وي چينل جي ٽرانسميشن ۾ شرڪت  ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو. امجد صابري 23 ڊسمبر 1976 تي ڪراچي جي مشهور قوال صابري خاندان ۾ ڄائو، سندس والد غلام فريد صابري پڻ قوالي جي دنيا جو مشهور نالو هو. امجد صابري 1988 کان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي ۽ پنهنجي بهترين آواز ۽ انفراديت جي سبب سڀني کي پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو. امجد صابري نه رڳو پاڪستان ۾ قوالين کي جلابخشي پر لنڊن، آمريڪا ۽ ڀارت تائين پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو. هن پنهنجي والد مقبول صابري جي جڳ مشهور قوالي تاجدار حرم کي ايتري تي خوبصورتي سان پڙهيو  جو  پوري دنيا ۾ سندس ساراهه ٿيڻ لڳي.  سندس مشهور قوالين ۾ تاجدار حرم، ڀردو جهولي، علي ساٿ هي زهرا ڪي شادي، ميري خواجا پيا ۽ ٻيون شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سيف علي خان جي ڌيءُ رنڀير ڪپور سان شادي جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءُ  سارا علي خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے