16 جمعہ , نومبر 2018

پاڪستان نوان ذخيرا دريافت ڪندڙ دنيا جي 5 وڏن ملڪن ۾ شامل ٿي ويو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) تيل  ۽ گيس  جا نوان  ذخيرا  سال 2017 دوران دريافت  سان  پاڪستان  نوان ذخيرا  دريافت  ڪندڙ دنيا جي 5 وڏن  ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي .  گلوبل  آئل اينڊ  گيس ڊسڪوريز ريو يو 2017  جي رپورٽ موجب سال 2017 جي ٽن مهينن  دوران  پاڪستان تيل ۽ گيس جا ٻه وڏا  ذخيرا دريافت  ڪيا آهن جڏهن ته  سال جي آخري  ٽن مهينن   دوران تيل ۽ گيس جي 4 وڌيڪ نوان ذخيرا  دريافت ڪيا . رپورٽ موجب گذريل سال  2017  جي آخري ٽن مهينن دوران روس سڀ کان وڌيڪ  10 ذخيرا  دريافت ڪيا جڏهن ته آسٽريليا 7،  ڪولمبيا 4 ۽  پاڪستان  ۽ برطانيه  تيل ۽ گيس  جا 3، 3  نوان ذخيرا  دريافت ڪيا . اهڙي نموني گذريل سال پاڪستان تيل ۽ گيس جي نون ذخيرن تائين پهچ حاصل ڪري  5 وڏن ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويو آهي . نون ذخيرن جي دريافت  سان تيل ۽ گئس  جي مقامي پيداوار  ۾ واڌ  سان درآمد  ۾ گهٽتائي  ۽ قيمتي  ناڻي جي بچت سان پيٽروليم  شين جي مقامي  طلب کي پورو به ڪرڻ ۾ مدد  ملندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جو سڄي ملڪ ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ملڪي قيادت سنڀالڻ جي لڳ ڀڳ اڍائي مهينن بعد سڄي ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے