21 بدھ , نومبر 2018

بغاوت جو خوف، ن ليگ اميدوارن جي نالن جو اعلان ملتوي ڪري ڇڏيو

NAB summoned Shahbaz Sharif on June 25لاهور( ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ليگي اڳواڻ  زعيم قادري  جي پارٽي کان بغاوت کانپوءِ  ن ليگ اميدوارن جي نالن جو جلد اعلان ملتوي ڪري ڇڏيو آهي . عورتن جي مخصوص سيٽن جي ورهاست تي به تنقيد  ٿيڻ لڳي . شهباز شريف هنگامي طور تي لنڊن مان واپس اچي ويو آهي .  شهباز شريف جي لنڊن واپسي تي پارٽي اڳواڻن جو اجلاس منعد ڪيو  اجلاس ۾  پارٽي معاملن سميت موجوده صورتحال  ۽ ليگي اڳواڻن کي ٽڪيٽن جي ورهاست تي صلاح مشورا ڪيا . ان حوالي سان   ذريعن جو چوڻ هو ته  امڪاني اميدوار  وحيد عالم خان کي اين اي 133 تان ٽڪيٽ  ڏيڻ واري معاملي تي ٻيهر   غور ڪيو ويندو .  جڏهن ته وڌيڪ ڪنهن به بغاوت جي خوف  کان نليگ پارٽي ٽڪيٽن جي ورهاست وارو اعلان  ڪجهه ڏينهن  لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو  ٻئي طرف تڪ اين اي133 تان ن ليگ اميدوار وحيد عالم  زعيم قادري جي سمورن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے