13 منگل , نومبر 2018

نيوز: حيدرآباد: ننڍي کنڊ جي ادب دوست شخصيت نور احمد کوجه جي ياد ۾ تقريب

Hyderabad: The memorandum of Ahmed  Kooja, a friend of the small kandel, Noor Ahmed Koojaحيدرآباد ۾ ننڍي کنڊ جي ادب دوست شخصيت نور احمد کوجه جي ياد ۾ تقريب ڪوٺائي وئي.

خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي پاران ڪوٺايل تقريب ۾ دانشور جامي چانڊئي، ليکڪ اعجاز منگي، نصير مرزا ۽ عرفانه ملاح سميت ٻين اديبن، ليکڪن ۽ دانشورن شرڪت ڪري نور احمد کوجه کي ڀيٽا پيش ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي جامي چانڊئي چيو ته نور احمد کوجه بهترين فوٽر گرافر ۽ آرٽسٽ سان گڏ سٺو انسان هو، هو چوندو هو ته اسان وٽ سٺا لکندڙ ته گهڻا آهن پر سٺا پڙهندڙ ناهن.

هن چيو ته هن ماحول ۾ سٺا پڙهندڙ نه هجڻ سبب وڏا ليکڪ پيدا نٿي سگهيا آهن.

ليکڪ اعجاز منگي چيو ته نور گلاب جهڙو سهڻو دوست هو، شيخ اياز به ساڻس تمام گهڻو پيار ڪندو هو، آخري وقت ۾ شيخ اياز به هن لاءِ هڪ شعر لکيو هو.

هن چيو نور احمد هڪ وڏو ليکڪ ته نه هو، پر هو سٺي پڙهندڙ ۽ لکندڙ کي چڱيءَ ريت سڃاڻيندو هو ۽ هو سٺن ليکڪن جا ڪتاب پڙهندو رهندو هو.

 نامياري اديب ۽ ليکڪ نصير مرزا چيو ته نور هڪ بهترين فوٽوگرافر هو، سندس دنيا ئي ڌار هوندي هئي ۽ هو ان دنيا ۾ تمام گهڻو خوش هوندو هو.

عرفانه ملاح چيو ته هوءَ نور احمد کي ويجهي کان نه سڃاڻي سگهي، پر نور جون ڳالهيون ٻڌي حيرانگي ٿي ته مردن جون به سٺيون دوستيون ۽ سٺيون ڪچهريون ٿينديون آهن، جنهن کي ڏسي ۽ ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي.

اديب تاج جويي چيو ته نور احمد پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي، فن ۾ ڪيل سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے