15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ڪنڌڪوٽ: سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾  جهيڙو ، ٽي ڄڻا سخت زخمي

Kandhkot: Brawling between two parties of Sabzoi community, 3 people injured *ڪنڌڪوٽ  ويجهو سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾  معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو،  جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

گهوڙا گهٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ  بادل سبزوئي ۾ سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو ، جنهن سبب  شڪيل ، محمد ، معشوق سبزوئي  سخت زخمي ٿي پيا.

زخمين کي  وارثن کڻائي  اسپتال پهچايو جتان هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ  ڪري کيس  سکر منتقل ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي زخمين جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ هنن جي هڪ همراهه جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي پر اسپتال انتظاميھ ايمبولينس نھ ڏني.

 هنن چيو تھ هنن ٽيڪسي ڀاڙي تي ڪرائي زخمي کي سکر اسپتال منتقل ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| آصف زرداري بحرانن مان نڪرڻ ڄاڻي ٿو: مير منور ٽالپر

پيپلزپارٽي ميرپورخاص جي صدر  ۽  ايم اين اي مير منور ٽالپر چيو آهي ته آصف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے