17 ہفتہ , نومبر 2018

قبيلائي جهيڙن جهڙين ڪڌين رسمن ۾ جڪڙيل سنڌ

ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سنڌ صوفين، بزرگن درويشن جي ڌرتي ۽ تاريخي طور پرامن خطو  رهي آهي، اها به حقيقت آهي ته سنڌو ماٿريءَ کي دنيا جي تهذيبن ۾ سرفهرست تهذيب هئڻ جي حيثيت حاصل آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته دنيا جڏهن اونداهين دور ۾ رهندي هئي. ايتري قدر جو يورپ جا ماڻهو به جڏهن اونداهي جي دور ۾ رهندا هئا. غارن ۾ رهندا هئا. وٽن جي زندگيءَ جي گذر بسر جو ڪو مهذب طريقو ڪين هو ۽ پنهنجا اگهاڙا انگ ڍڪڻ لاءِ وڻن جا پن استعمال ڪندا هئا. ان وقت سنڌ جي ماڻهن وٽ اڄ جي ڪراچي، نيويارڪ، بجينگ ۽ ممبئي وغيره جهڙو شهر هو، جنهن جو نالو مهين جو دڙو هو، جنهن جا آثار ان ڳالهه جا ساکي  آهن ته سنڌ جي ماڻهن جو اوزارن، قتل و غارت، جهيڙن ۽ جهٽن سان ڪو تعلق ڪين هو، هو ڀٽائي سرڪار جي ” ڳنڍين سارو ڏينهن “ واري پيچري جا پانڌيئڙا هئا پرامن هئا. هنرمند هئا، ضائفون، مرد پڻ گڏجي، ٻني ٻاري جي کيڙائڻ جو ڪم ڪار به ڪندا هئا ته خوشين ۽ غمين جي رسمن ۾ به هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي هئا.

اها ماضيءَ جي سنڌ هئي، جنهن کي ياد ڪري خوش ٿي سگهجي ٿو ۽ فخر به ڪري سگهجي ٿو پر اها به حقيقت آهي، جنهن کان ڪنهن به نموني انڪار نه ٿو ڪر سگهجي ته ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم، ننڍين عمرين ۾ ڌيئرن ۽ پٽن جي شادين، قبيلائي جهيڙن ۾ بيڏوهي ماري لاش اڇلڻ جهڙين مدي خارج ريتن سنڌ جي مهذب پڻي  واري پراڻي تشخص کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي.

ڪيئن انڪار ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ جي اڪثر علائقن خاص ڪري ٻهراڙين ۽ پٺتي پيل علائقن ۽ شهرن ۾ اڄ به ڪهاڙي عورت جي ڪنڌ تي آهي، نياڻي پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو وَرُ  چونڊڻ ۾ بيوس آهي. ٻني جي تڪرار، ونيءَ جي معاملي، ٻارن جي ڳالهه تي خوني جهيڙا، اڄ جي سنڌ جو تعارف بڻجي چڪا آهن. اها سنڌ جيڪا هن خطي ۾ سڀ کان گهڻو شعور رکي ٿي، جيڪا سهپ برداشت ۽ رواداريءَ جي علامت ۽ نمونو پئي رهي آهي، ان سنڌ ۾ اڄ عدم برداشت انهتاپسندي ۽ جهالت اچي ديرو ڄمايو آهي. جنهن کان ڌرتي، بچائڻ لاءِ هر ساڃاهه وند کي اديب کي، دانشور کي، وڪيل ليکڪ، ماستر، سياستدان، سماجي ڪارڪنن، مطلب ته هر ڪنهن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

ڪالهه دادو ءَ ۾ ڀانن ڀرسان ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان پنجن ڄڻن جي قتل جو جيڪو دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو آهي، تنهن جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ڏسندي ئي ماڻهو جا ڏوهه ڏڪيو وڃن. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڌر جا ماڻهو ڪار ۾ سوار ٿي، ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا ته ٻي ڌر جي ماڻهن ڪار بيهاري مٿن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن ۾ پنج قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون، سنڌ اندر، اتر سنڌ جا ضلعا جيڪب آباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، لاڙڪاڻو، دادو ۽ خيرپور، قبيلائي جهيڙن ۽ مدي خارج ڪڌين رسمن جو ڳڙهه پئي رهيا آهن.

قبيلائي جهيڙن ۾ هزارين انساني جانين جي ذيان ۾ جيڪي هٿيار استعمال ٿيا آهن. سي نه ته سنڌ ۾ تيار ٿين ٿا، نه ئي وري سنڌ جو انهن سان ڪو پري پري جو واسطو رهيو آهي. سنڌ ۾ روسي، آمريڪي، جرمني، اٽليءَ جا ۽ ٻين ملڪن جا خطرناڪ هٿيار ڪيئن ٿا پهچن، تنهن جي تفصيلي جاچ ٿيڻ گهرجي. ماضيءَ ۾ جڏهن لٺ ۽ ڪهاڙيءَ کان وڌيڪ ڪو وڏو هٿيار  ڪين هوندو هو، تڏهن انسان ايئن پکين وانگر نه ماريا ويندا هئا، جيئن اڄ ماريا پيا وڃن.

سو چوڻ جو مطلب ته هڪ ته سنڌ کي ۽ هن ملڪ کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي ته 80 سيڪڙو امن قائم ٿي ويندو، نه رڳو ايترو پر جرڳن ۾ 30، 30، 40، 40 خونن جي فيصلن ۾ خون خون  ۾ پاڙڻ، خون بها مقرر ڪرڻ ۽ زخمين جي معاوضي جو اگهه ڪرڻ واري روايت به قبيلائي جهيڙن جهڙين ڪڌين رسمن کي هٿي وٺرائي آهي، ڪارو ڪاري ۽ ۽قبيلائي جهيڙن جهڙين ڪڌين رسمن جي قيد مان سنڌ جي جهر جهنگ تعليم عام ڪري جاڳرتا پيدا ڪري ئي آزاد ڪرائي سگهجي ٿو. اها تعليم جتي نياڻيءَ جي اسڪول وڃڻ تي به ڪاپابندي نه هجي، نه نينگري جي اسڪول وڃڻ تي به چوندا آهن ته مرد پڙهيو، فرد پڙهيو ۽ عورت پڙهي گهر پڙهيو. سو سڄي سنڌ جي سڀني گهرن ۽ خاندانن کي پڙهيو، لکيو ۽ شعور  وارو بڻائڻ لاءِ تعليم خاص ڪري عورتن جي تعليم کي عام ڪرڻو پوندو. نه رڳو ايترو پر وڏيرا ۽ ڀوتار جرڳن ۽ فيصلن ذريعي تڪرار نبيرڻ جي جيڪا دڪانداري چمڪايو ويٺا آهن، تنهن به سنڌ جو رت ۽ ست ڪڍي ڇڏيوآهي. انهن جي اها دڪانداري بند ڪرڻ لاءِ انصاف جي فراهمي واري قانوني ۽ عدالتي نظام کي اثرائتو بڻائڻو پوندو. عدالتن  ۾ ڪيسن جي فوري ۽ تڪڙ اڪلاءَ ۽ عوام کي انصاف جي فوري فراهمي يقيني ٿيڻ سان ڪير به وڏيرڪين هٿ ڪين عدالتن ڏانهن نبيري لاءِ قبيلائي جهيڙن ۽ ڪاروڪاريءَ تحت قتلن جا ڪيس کڻي نه ويندو. ڪالهه دادو ءَ ۾ جيڪي ڪيس ٿيو آهي، جنهن  به ڪيو آهي، تنهن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي۽ سڄي سنڌ ۾ اهڙن واقعن جو ورجاءُ روڪڻ لاءِ اثرائتن قدمن جي ضرورت آهي.

ڇنڇر  23   جون  2018ع، 8 شوال  1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪامريڊ شهيد حسن ناصر جي ياد ۾ !

1980ع کان 1990ع وارو ڏهاڪو نه صرف سوويت روس پر سڄي دنيا لاءِ اهم آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے