16 جمعہ , نومبر 2018

ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪارروائي، 6 دهشتگرد مارجي ويا، 2 اهلڪار شهيد

ميران شاهه ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن رد الفساد تحت ڪارروائي جي نتيجي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ اسپينا ۾ ڪارروائي ڪئي. ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز ڪجهه دهشتگردن جي علائقي ۾ موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ڪارروائي ۾ مقامي اڳواڻن جي قتل ۾ ملوث نهايت گهربل دهشتگردن سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا. ترجمان موجب دهشتگردن سان مقابلي ۾ 2 اهلڪار به شهيد ٿي ويا آهن. آءِ ايس پي آر موجب شهيد ٿيلن ۾ حوالدار رزاق ۽ ممتاز حسين شامل آهن. ترجمان موجب آپريشن ٽي ڊي پيز جي شڪل ۾ دهشتگردن جي آمد جي اطلاع تي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ مواصلاتي اوزار به هٿ ڪيا ويا آهن. ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگرد افغانستان ۾پنهنجي هينڊلرز سان رابطا ۾ هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جو سڄي ملڪ ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ملڪي قيادت سنڀالڻ جي لڳ ڀڳ اڍائي مهينن بعد سڄي ملڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے