16 جمعہ , نومبر 2018

پارٽي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏني پر سياست نه ڇڏي آهي: مشرف

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته مان پارٽي جي چيئرميني ڇڏي آهي پر سياست کان پاسو نه ڪيو آهي.  اڳوڻي صدر پرويز مشرف ويڊيو پيغام ۾ چيو ته پارٽي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ قانوني مشاورتي جي روشني ۾ ڏني پر سياست نه ڇڏي آهي.  هن چيو ته ڊاڪٽر امجد پارٽي چيئرمين ۽ مهرين ملڪ آدم سيڪريٽري جنرل طور موزون ترين آهن، پارٽي ڪارڪن سندن ڀرپور حمايت ڪن.  سندس چوڻ هو ته وطن واپسي ۽ چونڊن جو حصو وٺڻ جو ارادو ڪيو هو پر ارادي مڪمل ڪرڻ ۾ رنڊڪون آهن. اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو ته عام چونڊن ۾ عوامي مسئلن کي حل ڪندڙ اميدوارن کي ڪامياب ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس ڪٽاس راڄ مندر جو تلاءَ ڀرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار خشڪ ڪيل ڪٽاس راڄ مندر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے