16 جمعہ , نومبر 2018

زينب جي قاتل کي سرعام ڦاهي ڏيڻ لاءِ درخواست داخل

قصور ( ويب ڊيسڪ ) قصور جي نينگري زينب جي والد پنهنجي نياڻي جي قاتل کي سرعام ڦاهي جي سزا ڏيڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. قصور ۾ زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪيل نينگري زينب جي والد امين انصاري اشتياق چوڌري ايڊووڪيٽ ذريعي جوابدار عمران کي سرعام ڦاهي ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار عمران سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۽ ٻي اعليٰ ۾ درخواست داخل ڪئي پر عدليه سندس درخواستون رد ڪري ڇڏيون. هن چيو ته قانون موجب جوابدار کي ڏنل موت جي سزا تي عملدرآمد ڪيو وڃي ۽ کيس سرعام ڦاهي ڏني وڃي ته جيئن ٻيهر ڪو اهڙو ڏوهه نه ڪري سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

انور مجيد کي ڪراچي کان لاهور اماڻڻ جون تياريون مڪمل

ڪراچي(ويب ديسڪ) اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد کي راهداري ريمارنڊ تي ڪراچي کان لاهور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے