17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: نواب ولي محمد: دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن  جو احتجاج

Nawab Wali Mohammad: Protest against shortage of water in dolatpur link*نواب ولي محمد ۾ دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آبادگارن دولتپور شاخ بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن ظفر علي چانڊئي، حاجن خان زرداري، ساماڻو گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي  احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ دولتپور شاخ جي پڇڙي ۾ 26 سالن کان پاڻي ناهي آيو .

 هنن چيو تھ منڍ جا بااثر زميندار آبپاشي  عملدارن جي ملي ڀڳت سان پڇڙيءَ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيا آهن .

هنن چيو تھ  دولتپور شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي.

مظاهرين چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو  ته  پاڻ مرادو نوٽِس وٺي  پڇري ۾ پاڻي پهچايو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے