16 جمعہ , نومبر 2018

ڊيرا مراد جمالي ۾ پوليس موبائيل ڀرسان ڌماڪو، 4 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي

ڊيرا مراد جمالي(ويب ڊيسڪ) ڊيرا مراد جمالي ۾ پوليس موبائيل ڀرسان ڌماڪي ۾ 4 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جنهن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، زخمين کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال اماڻيو ويو آهي. تفصيل موجب پوليس جي موبائيل باراز مان گذري رهي هئي ته سائيڪل ۾ لڳل بم ڌماڪي سبب ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ڊي ايس پي منجهوشوري سرڪل به شامل آهي جڏهن ته هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون، زخمين کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال اماڻيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاهر داوڙ کانپوءِ اسلام آباد مان سي ڊي اي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر گم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد مان سي ڊي اي جو آفيسر گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے