19 پیر , نومبر 2018

مريم نواز اين اي 127 تان اليڪشن وڙهندي، ٽڪيٽ جاري

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز کي تڪ اين اي 127 تان جڏهن حمزه شهباز کي اين اي 124 لاهور تان اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب مسلم ليگ ن طرفان حمزه شهباز کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي ۽ هو اين اي 124 لاهور تان اليڪشن وڙهندو جڏهن ته خواجا سعد رفيق اين اي 131، عابد شير علي اين اي 108، راڻا ثناءُ الله اين اي 106، سيالڪوٽ تان خواجا آصف اين اي 73 ۽ نارروال تان احسن اقبال اين اي 78 تان اليڪشن وڙهندو. اڳوڻو بچاءَ وارو وزير خرم دستگير اين اي 81 گوجرانوالا تان ميدان ۾ لهندو. اين اي 123 تان ملڪ رياض، اين اي 125 تان ملڪ پرويز ۽ اين اي 126 تان مهر اشتياق اميدوار هوندو. اين اي 128 تي روحيل اصغر، اين اي 129 تي سهيل شوڪت بٽ، اين اي 130 تي خواجا احمد حسان، اين اي 132 تان شهباز شيرف ۽ اين اي 133 تان قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اياز صادق ميدان ۾ لهندو. رپورٽ موجب اين اي 134 تان راڻا مبشر، اين اي 135 تان سيف الملوڪ کوکر ۽ اين اي 136 تان افضل کوکر اليڪشن وڙهندا. بلاول ياسين ان سيٽ تان اليڪشن وڙهڻ جو خواهشمند آهي. مسلم ليگ ن جي قيادت اين اي 125 ۾ پرويز ملڪ کي ٽڪيٽ ڏيڻ چاهي ٿي پر تڪ اين اي 125 تان پرويز ملڪ به اميدوار آهي ۽ هو صوبائي تڪ پ پ 150 تي به بلال ياسين سان اليڪشن جي لاءِ تيار ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے