18 اتوار , نومبر 2018

پ پ 173: مريم نواز جي نامزدگي وارن ڪاغذن جي منظوري خلاف اپيل رد

لاهور(ويب ڊيسڪ) اپيلٽ ٽريبونل پ پ 173 تان مريم نواز جي نامزدگي وارن ڪاغذن جي منظوري جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز عام چونڊن ۾ اين اي 125، اين اي 127 ۽ پ پ 173 تان حصو وٺي رهيا آهن. مريم نواز جي پنجاب جي سيٽ پ پ 173 تان نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ڪيا ويا جنهن جي خلاف اپيل اپيلٽ ٽريبونل ۾ داخل ڪئي وئي هئي. اپيل ڪندڙ اقتدار حسين جو موقف هو ته ريٽرننگ آفسر حقيقتن جي ابتڙ مريم نواز جا نامزدگي وارا ڪاغذ منظور ڪيا، هن وٽ 2 سڃاڻپ ڪارڊ آهن جنهن مان هڪ مريم نواز ۽ ٻيو مريم صفدر جي نالي سان آهي.  لاهور هاءِ ڪورٽ اپيلٽ ٽريبونل جي جسٽس طارق سليم شيخ اقتدار هسين نالي اپيل ڪندڙ جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ان کي ٻڌڻي نه جوڳو قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 125 تان مريم نواز جي خلاف ساڳئي تڪ تان تحريڪ انصاف جي اميدوار ڊاڪٽر ياسمين راشد اپيل داخل ڪئي آهي. ياسمين راشد پنهنجي اپيل ۾ اپيل ڪئي ته مريم نواز اثاثا لڪايا آهن ان ڪري هن کي نااهل قرار ڏنو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے