16 جمعہ , نومبر 2018

سرگوڌا ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا قتل

سرگوڌا(ويب ڊيسڪ) بهلوال واري علائقي 11 ۾ اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري هڪ ئي ڪٽنب جي خاندان جي 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو جنهن ۾ زال، مڙس ۽ 3 ٻار شامل آهن. تفصيل موجب سرگوڌا ۾ بهلوال جي علائقي 11 ۾ اڻڄاتل ماڻهن گهر ۾ گهڙي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڀاتي مارجي ويا جنهن ۾ مڙس، زال ۽ 3 ٻار شامل آهن ۽ انهن جي سڃاڻپ طفيل، مجيده بيبي، پٽن ۾ ڪاشف، ثمر ۽ ڌيءَ ثنا جي نالن سان ٿي. پوليس موجب فائرنگ ۾ ارشد نالي ٻار به زخمي ٿي پيو جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن فوري طبي امداد جي لاءِ ٽي ايڇ ڪيو اسپتال اماڻيو ويو آهي. پوليس واقعي واري هنڌان هن وقت تائين قتل جو سبب معلوم ناهي ٿيو جڏهن ته پوليس طرفان جاچ جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب ۾ دونهون ڪڍندڙ گاڏيون ۽ فيڪٽريون بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏيون ۽ فيڪٽريون بند ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے