21 بدھ , نومبر 2018

گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس: آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جا صوبائي سربراهه طلب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جي صوبائي سربراهن کي طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس آف پاڪستان ميان ثاقب نثار سڀاڻي آچر تي موڪل جي ڏينهن به عدالت لڳائيندو ۽ سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. سپريم ڪورٽ سڀاڻي ٻڌڻي ۾ ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ سان گڏوگڏ آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي جي صوبائي سربراهن کي به طلب ڪري ورتو آهي. لاڙڪاڻي ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار سيشن ڪورٽ جو دورو ڪيو ۽ مختلف ٻڌڻين جو جائزو ورتو. چيف جسٽس جي لاڙڪاڻي آمد جي موقعي تي گم ٿيل ماڻهن جي وارثن پنهنجن پيارن جي بازيابي جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. چيف جسٽس ثاقب نثار گم ٿيل ماڻهن جي وارثن جي احتجاج جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي جي رينجرز سنڌ سميت ٻين ادارن کي آفيسرن کي سڀاڻي 12 وڳي تائين سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے