14 بدھ , نومبر 2018

چوڌري نثار به مسلم ليگ ن جي قيادت تي سڌي تنقيد نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي ناراض پارٽي اڳواڻ چوڌري نثار کي نه ئي پارٽي جي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي ۽ نه سندس مقابلي ۾ ڪو اميدوار بيهاريو ويو. پاڪستان مسلم ليگ ن پهرين مرحلي ۾ پنجاب جي ڪيترن ئي صوبائي ۽ اسيمبلي جي سيٽن تي پارٽي جي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو. ن ليگ اين اي 59 ۽ اين اي 63 تان چوڌري نثار علي خان جي مقابلي ۾ ڪو به اميدوار ناهي بيهاريو. ذريعن جو چوڻ آهي ته چوڌري نثار جي مقابلي ۾ اميدوار نه بيهارڻ وارو آپشن چوڌري نثار جي لاءِ پارٽي جا دروازا کليل رکڻ جي لاءِ آهي. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته چوڌري نثار جي لاءِ پارٽي دروازا کليل رکڻ جي تجويز شهباز شيرف ۽ سينيئر پارٽي اڳواڻن ڏني پر سينيٽر پرويز رشيد چوڌري نثار کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ جا مخالف آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي اڳوڻي سربراهه نواز شريف چوڌري نثار جي لاءِ آپشن کليل رکڻ جي حتمي منظوري ڏيندو. ذريعن موجب چوڌري نثار کي درخواست نه ڏيڻ جي ڪري پارٽي ٽڪيٽ جاري ناهي ڪئي وئي پر نواز شريف حتمي فيصلي کان اڳ پرويز رشيد کي به اعتماد ۾ وٺندو. ذريعن جو اهو به ٻڌائن آهي ته چوڌري نثار به مسلم ليگ ن جي قيادت تي سڌي تنقيد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

PM Khan tells EP President of Pakistan's reservations over blasphemous caricatures

يورپي پارليامنٽ جي صدر جو وزيراعظم کي فون، مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يورپي پارليامنٽ جي صدر انٽونيوٽيجاني وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے