20 منگل , نومبر 2018

مشرف جي حامين جي نواز شريف سان وفاداري قيامت جي نشاني آهي:چوڌري نثار

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ  ن جي ناراض  اڳواڻ چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته  قيامنت جون نشانيون  آهن ته مشرف  جا حمايتي اڄ نواز شريف سان وفاداري جو معيار قائم ڪري رهيا آهن.  راولپنڊي ۾ تڪ اين اي 59 واري علائقي  چڪ بيلي خان ۾  عالم جلسي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته   هو ڪنهن جي ٽڪيٽ جو محتاج ناهي  مٿي الله ۽ هيٺ مخلوق  جو محتاج  آهي  ۽ 25 جولاءِ  تي هي مخلوق  خدا چوڌري نثار جي مخالفن  جون ضمانتون رد  ڪرائيندي . هن چيو ته   هن لاءِ سمورا دروازا کليل  آهن ، عمران چوڌي ٿو ته  جيتريون چاهي ٽڪيٽون وٺ، جيڪڏهن  ٽڪيٽ اهم آهي ته رڳو هڪ درخواست  ئي ڏيڻي آهي  جيڪڏهن اقتدار جي لالچ  هجي ها ته هڪ سال کان وزارت ڇڏي نه ويهان ها  . هن جو چوڻ هو ته هن تڪ تي سڄي دنيا جون نظرون  هونديون . هن ڀيري  ڪو به شڪ ناهي   ته هتي رڪارڊ  ڪاميابي حاصل ٿيندي .  مخالف به  اچن  هن تڪ مان چونڊون  وڙهن   ڇو ته   مخالف اسان جا دشمن ناهن ، دوست آهن .  چوڌري نثار چيو ته   اوهان وٽ هڪ شخص ٽيڪسلا مان ووٽ وٺڻو ايندو .  هن شخص جي ايم اي  بي  جي ڊگري جعلي آهي  ۽ ميٽرڪ به فيل آهي  ، هن جو مخالف  8 سال مشرف جي وردي  پٺيان لڪندو  رهيو .ان جي سڃاڻپ اها آهي ته هن جو دشمن آهي .ان لاءِ پ پ ۽ مشرف ان کي وزير بڻايو .  هن چيو ته هن عزت سان سياست ڪئي آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے