17 ہفتہ , نومبر 2018

بيلجيئم جي ٽيم تيونس کي آئوٽ ڪلاس ڪري ٽاپ پوزيشن ماڻي ورتي

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ ميچ ۾ بيلجيئم جي ٽيم تيونس کي ٻن جي ڀيٽ ۾ 5 گولن تان شڪست ڏئي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو. روس ۾ جاري فٽبال جي عالمي مقابلن ۾ گروپ جي جون ٽيمون بيلجيئم ۽ تيونس آمهون سامهون ٿيون. ميچ دوران بيلجيئم جي رانديگرن تيونس کي بي وس ڪندي هڪٻئي پويان گول اسڪور ڪيا. بيلجيئم طرفان روميلو لوڪاڪو ۽ ايڊن هزارڊ 2-2 گول ڪيا، جڏهن ته مچي بٽشوائي هڪ گول ڪيو. ٻن گروپ ميچن ۾ فتح ۽ مخالف ٽيمن خلاف 6 کان وڌيڪ گول اسڪور ڪرڻ کانپوءِ بيلجيئم جا ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ جا چٽا امڪان آهن پر اڃا تائين اها ڳالهه واضح ناهي. جيڪڏهن بيلجيئم جي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي ٽئين نمبر تي موجود انگلينڊ کان شڪست کائي ٿي ۽ هاڻ تائين ڪو به پاناما جي ٽيم انگلينڊ ۽ تيونس کي شڪست ڏئي ٿي ته پوءِ ٽنهي ٽيمن جون 6-6 پوائنٽون ٿي وينديون، جنهن کانپوءِ جنهن ٽيم جا وڌيڪ گول هوندا، اها ئي ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے