18 اتوار , نومبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ مراد علي شاهه جي نامزدگي وارن ڪاغذن جي خلاف اپيل رد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نامزدگي وارن ڪاغذن جي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي، بينچ آر او جي فيصلي کي بحال رکيو. تفصيل موجب عدالت سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جا نامزدگي وارا ڪاغذ بحال ڪري ان خلاف داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مراد علي شاهه جي نامزدگي وارن ڪاغذن جي بحالي جي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، هن خلاف جلال محمود شاهه جي وڪيل پنهنجي اپيل داخل ڪئي هئي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ ڄاڻايل اپيل رد ڪندي آر او جي فيصلي کي بحال رکيو آهي، مراد علي شاهه پي ايس 80 ڄامشورو تان نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. اپيل ڪندڙ وڪيل جو موقف هو ته مراد علي شاهه بيان حلفي ۾ ٻٽي شهريت جو ذڪر ناهي ڪيو، ٻٽي شهريت لڪائڻ تي مراد علي شاهه صادق ۽ امين ناهي رهيو، ان ڪري سندس نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪيا وڃن. ٻئي پاسي سيد مراد علي شاهه عدالتي فيصلي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الله جو شڪر آهي جو منهنجي خلاف اپيلون رد ٿيون آهن، منهنجي خلاف ڪوڙا اقاما فائل ڪيا ويا، اقاما جعلي آهن جنهن جو ثبوت اِهو آهي ته ان تي پيدائش جي تاريخ ۽ پاسپورٽ نمبر به غلط آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبي جي عوام کي بنيادي سهولتن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڄام ڪمال

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته بلوچستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے