19 پیر , نومبر 2018

سعودي حڪومت حج لاءِ ويندڙن لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي قرار ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت حج لاءِ ويندڙ حاجين لاءِ بائيو ميٽرڪ تصديق لازمي قرار ڏئي ڇڏي آهي جنهن بعد پاڪستان جي مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حج لاءِ ويندڙ بائيو ميٽرڪ تصديق کان سواءِ سعودي عرب روانا نه ٿي سگهندا. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب 6 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار ۽ 80 سان کان وڌيڪ بزرگ بائيو ميٽرڪ کان آجا هوندا، حج لاءِ ويندڙن جي بائيو ميٽرڪ تصديق سعودي عرب حڪومت جي نامزد ڪمپني ” اعتماد“ ڪندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته سمورن حج لاءِ ويندڙن کي فنگر پرنٽس، بائيو ميٽرڪ سهولت مفت ۾ ڏني ويندي ۽ مذهبي معاملن واري وزارت حج لاءِ ويندڙن جي مرحليوار بائيو ميٽرڪ تصديق جو شيڊول ترتيب ڏئي ڇڏيو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت حج لاءِ ويندڙن کي پنهنجي شيڊيول جي موجب فنگر پرنٽس، بائيو ميٽرڪ تصديق ڪرائڻ جي هدايت جاري ڪندي، عازمين کي شيڊول جي ڄاڻ موبائيل ميسيج، ويب سائيٽ ۽ حج هيلپ لائن جي ذريعي ملي سگهندي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب حج لاءِ ويندڙن کي موبائيل ميسيج موڪليا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

امدادي پيڪيج: سعودي عرب طرفان پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ملي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان تصديق ڪئي آهي ته سعودي عرب طرفان هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے