21 بدھ , نومبر 2018

ڀارت ۾ 5 مسلمان ڳئون جي حفاظت جي نالي تي قتل

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڳئون جي حفاظت جي نالي تي انتهاپسند هندو آپي کان ٻاهر نڪري ويا، 12 ڏينهن دوران 5 مسلمانن کي قتل ڪري ڇڏيو. ڀارت ۾ انتهاپسندن جي غنده گردي حد کان وڌي وئي، ڳئون جي حفاظت جي نالي تي مسلمان کي تشدد جو نشانو بڻائڻ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. اتر پرديش رياست جي ضلعي هاپڙ ۾ مسلمانن تي تشدد ڪرڻ جي هڪ ويڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ انتهاپسندن کي 65 سالن جي شخص تي تشدد ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ٻه ڏينهن اڳ هاپڙ ۾ ڳئون کي ذبح ڪرڻ جي الزام ۾ قاسم نالي 45 سالن جي شخص کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو جڏهن ته ٻيون شخص سخت زخمي ٿي پيو هو. اتر پرديش ۾ پوليس اهلڪارن جي سامهون مسلمانن تي تشدد ڪيو ويو هو جنهن تي يو پي پوليس معافي گهري آهي. پوليس واقعي ۾ ملوث ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے