19 پیر , نومبر 2018

طاهر القادري پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي ڪڙڪي پيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه علامه طاهر القادري پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائي ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طاهر القادري چيو ته چونڊ نظام کي صاف ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ آرٽيڪل 63 ۽ 62 بابت شعور بيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو اعلان ڪندي پنهنجي سمورن اميدوارن کي ڪاغذ واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته جمهوريت جي نالي تي جيڪو ڏوهه ٿي رهيو آهي ان جو حصو نٿا بڻجڻ چاهيون، اسان سياسي نظام کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ جي جنگ وڙهي رهيا آهيون پر ڪجهه سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن ٻٽو معيار رکيو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري رهيا آهيو؟ جنهن جي جواب ۾ طاهر القادري جو چوڻ هو ته مون بائيڪاٽ جو لفظ ئي استعمال ناهي ڪيو، ان ڪري مون محتاط لفظ استعمال ڪيو آهي، اسان پارٽي طور چونڊن ۾ حصو ناهيون وٺي رهيا. پريس ڪانفرنس دوران پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي ڪڙڪي پيو.  هن چيو ته تبديلي جي ڳالهه ڪندڙ ٻڌن! جيڪڏهن اليڪٽيبلز ئي توهان جي مجبوري هئي ته 20 ڪروڙ عوام کي ذليل ڇو ڪيو؟ تماشو ڇو لڳايو ويو ۽ ڌرڻي ڇو هنيا ويا؟ هنگاما ڇو ٿا؟ ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري چيو ته اسان جي ۽ طاهر القادري جي سوچ ۾ فرق آهي ڇو ته اسان آئين کي مقدم مڃون ٿا جڏهن ته طاهر القادري چوي ٿو ته نظام ئي صحيح ناهي.  هن چيو ته اليڪشن ۾ بنيادي ڳالهه علائقي جي مسئلن کي سامهون رکڻ هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گم ٿيل جوابدار جي عدم بازيابي تي گهرو ۽ بچاءَ جي سيڪريٽرين تي 20 لک ڏنڊ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گم ٿيل جوابدار جي عدم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے