13 منگل , نومبر 2018

عافيه صديقي سان مبينا بدسلوڪي بابت پاڪستاني پيغام ملي ويو آهي: امريڪا

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ) امريڪي  پرڏيهي کاتي جي ترجمان  جو چوڻ آهي ته پاڪستاني پرڏيهي  آفيس امريڪي جيل ۾ قيد عافيه صديقي سان مبينا بدسلوڪي  بابت رابطو ڪيو آهي . واشنگٽن مان جاري ڪيل  بيان ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان  چيو آهي ته ڊاڪٽر عافيه  صديقي  سان بدسلوڪي جي الزامن بابت  پاڪستان کي سرڪاري پيغام مليو آهي . ترجمان جو چوڻ هو ته  سز يافته ڏوهارين سان امريجا ۾ عاليم انساني حقن جي پاسداري ڪئي ويندي آهي .  ۽ سمورن قيدين سان امريڪي قانون موجب ورتاءُ  ڪيو ويندو آهي .  ٻه ڏينهن اڳ پرڏيهي کاتي جي ترجمان  ڊاڪٽر محمد فيصل  هفتيوار بريفنگ   دوران چيو ته ٽيڪساس  جيل ۾ قيد عافيه صديقي سان مبينا بدسلوڪي جي رپورٽس وارو معاملو  لاڳاپيل اختيارين  سان اٿاريندي  ان کان جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي . ياد رهي ته گذريل مهيني ميڊيا تي امرڪي  جيل ۾ قيد ڊاڪٽر  عافيه صديقي جي موت  بابت ڪوڙي خبر به گردش ڪر رهي  هئي .  پر ٽيڪساس  ۾ مقرر پاڪستاني قونصل جنرل عائشه فاروقي جي ڊاڪٽر عافيه صديقي سان جيل ۾ ملاقات بعد اهي افواهون ختم ٿي ويون .

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزا: اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۽ هوائي حملن ۾ 6 فلسطيني شهيد

غزا( ويب ڊيسڪ ) فلسطين ۾ قابض اسرائيلي فوج جي بناجواز فائرنگ ۽ هوائي حملن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے