16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: عوام جي خدمت کي عبادت سمجهون ٿا: آغا سراج دراني

We worship the service of the people: Agha Siraj Durraniپ پ اڳواڻ آغا سراج دراني چيو آهي ته هو عوام جي خدمت کي عبادت سمجهن ٿا، ورڪر پارٽي جو سرمايو آهن.

ڊکڻ جي پي ايس 9 تي بيٺل آزاد اميدوار عبدالغفار اوڍي سان ملاقات دوران آغا سراج دراني چيو ته پ پ بيروزگار نوجوانن کي زورگار ۽ علائقن ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن،

هن چيو ته جنهن به اميدوار پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کنيو اهو پارٽي جو به سرمايو آهي.

ملاقات ۾ آغا سراج دراني سان گڏ ذوالفقار ڪماريو، غلام مصطفيٰ منگي ۽ لالا اسد پٺاڻ سميت ٻيا شامل هئا.

ان موقعي تي پي ايس 9 جي آزاد اميدوار عبدالغفار آغا سراج دراني ۽ ٻين کي مان ڏيندي ساڳئي تڪ تي پ پ اميدوار آغا سراج دراني جي حق ۾ هٿ کنيو.

آزاد اميدوار عبدالغفار اوڍي جو چوڻ هو ته آغا سراج دراني ۽ ٻين پاران سندس تڏي تي لڙي اچڻ بعد هو پ پ اميدوار جي حمايت ڪندا…………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے