17 ہفتہ , نومبر 2018

آزاد اميدوار کربين رپين جا اثاثا ظاهر ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو

مظفر ڳڙهه(ويب ڊيسڪ) مظفر ڳڙهه ۾ آزاد اميدوار ميان محمد حسين منا شيخ پنهنجي نامزدگي وارن ڪاغذن ۾ کربين رپين جا اثاثا ظاهر ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. منا شيخ جي نامزدگي وارن ڪاغذن موجب هو 4 کرب 3 ارب 11 ڪروڙ رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي پر هن هڪ رپيو به ٽيڪس نهي ڏنو. مظفر ڳڙهه جو اميدوار ميان محمد حسين منا شيخ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 182 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پ پ 270 تان آزاد اميدوار آهي. قومي اسيمبلي جي تڪ تان حنا رباني کر، جمشيد دستي ۽ ٻيا اڳواڻ به حصو وٺي رهيا آهن. محمد حسين جي ڪاغذن م ظاهر ڪيل اثاثن جي ماليت 4 کرب 3 ارب 11 ڪروڙ رپيا آهي جڏهن ته نامزدگي وارن ڪاغذن موجب منا شيخ کربين رپين جي اثاثن تي هڪ رپيو به ٽيڪس ادا ناهي ڪيو. آزاد اميدوار ميان محمد حسين منا شيخ جو چوڻ آهي ته مظفر ڳڙهه تحصيل جي ملڪيتي 5 مواضعتن تي بااثر ماڻهن مال کاتي جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪيو ويو جنهن تي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ 88 سالن کان پوءِ سندس خاندان جي حق ۾ فيصلو ڏنو. منا شيخ جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حاصل ٿيندڙ 5 مواضعات جي زمين جي قيمت جو ڪاٿو 4 کرب 3 ارب 11 ڪروڙ رپيا آهي ۽ پنجن ئي قيمتي زمينن تي قبضي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پر هن وقت ميان محمد حسين وٽ هڪ ڪروڙ 40 لک ماليت جو 14 مرلي جو گهر آهي. 9 ڪروڙ رپين جي ماليت جي 7 ايراضيون ۽ هڪ لينڊ ڪروزر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے