13 منگل , نومبر 2018

سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ تي پابندي ختم

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ تي پابندي ختم ٿي وئي آهي. سعودي عرب ۾ رات 12 وڳي کانپوءِ 28 سالن بعد عورتن جي ڊرائيونگ ڪرڻ تي پابندي ختم ٿي وئي آهي جنهن بعد عورتن کي ڊگهي انتظار کانپوءِ اڪيلي سر گاڏي هلائڻ جي اجازت ملي وئي آهي. پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ سعودي عرب جي گادي واري هنڌ رياض ۽ ٻين شهرن ۾ ڪيتريون ئي عورتون گاڏيون ڪاهي روڊن تي نڪري آيون جڏهن ته ڪجهه عورتن ڊرائيونگ دوران عربي ميوزڪ به ٻڌي. سعودي عرب جي ارب پتي واپاري الوليد بن طلال جو چوڻ آهي ته اها هڪ عظيم ڪاميابي آهي، سندس نياڻي ريم طلال به نياڻين کي پوئين سيٽ تي ويهاري گاڏي هلائي.  هن چيو ته هاڻي عورتن کي سندن آزادي ملي وئي آهي، گاڏي هلائڻ تي هن نياڻي لاءِ تاڙيون وڄائي سندس شاندار آجيان ڪئي. سعودي ٽي وي اينڪر سبيڪا الدوساوي چيو ته اهو هر سعودي عورت لاءِ تاريخي لمحو آهي. ٻئي طرف گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ جو چوڻ آهي ته ڊرائيونگ تي پابندي ختم ٿيڻ سان گاڏين جي گهرج ۾ اضافو ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے