14 بدھ , نومبر 2018

ترڪي ۾ صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن لاءِ ووٽنگ

Vote for presidential and parliamentary elections in Turkishانقرا(ويب ڊيسڪ) ترڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گڏ ٿيندڙ صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن لاءِ ووٽنگ جو عمل شروع ٿي ويو. ترڪي جي مقامي وقت موجب پولنگ صبح 8 وڳي کان شروع ٿي وئي جيڪا شام 7 وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهندي ۽ پاڪستان موجب شام 7 وڳي تائين ووٽنگ جو عمل جاري رهندو. ووٽنگ دوران گڏيل طور تي تقريبن 6 ڪروڙ رجسٽرڊ ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا. جنهن ۾ 5 ڪروڙ 60 لک مقامي شهري ۽ تقريبن ساڍا 30 لک پرڏيهي شهري اڳ ئي پنهنجي راءِ جو هڪ استعمال ڪري چڪا آهن. ترڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جو صدارتي ۽ پارلياماني چونڊ هڪ ئي وقت تي ٿي رهيو آهن ۽ صدارتي چونڊن لاءِ رجب طيب اردگان سميت 6 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن. جن ۾ محرم اِنجي، ميرل ايڪسينر، سلاحيتن ديمارتس، تيمل، دوگو پرينسڪ شامل آهن. عوامي راين ۽ جائزن موجب رجب طيب اردگان جي ڪاميابي جا چٽا امڪان موجود آهن پر ان باوجود مخالف ڌر جي اڳواڻ محرم اِنجي کيس مشڪل ۾ وجهي سگهي ٿو. سال 2016 ۾ ناڪام بغاوت ۽ صدارتي اختيارين ۾ اضافي ترميمن بعد اليڪشن جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، جڏهن ته فوج ۽ اعليٰ عداليا ۾ مقررين سميت اهم اختيار نئي صدر کي ترڪي جو مضبوط ترين سربراهه بڻائي ڇڏيندا. صدارتي چونڊن ۾ ڪنهن به اميدوار لاءِ 50 سڪيڙو کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪرڻ ضروري هوندو جيڪڏهن هڪ اميدوار هدف حاصل نه ڪري سگهيو ته ته پوءِ وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ ٻن اميدوارن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 جولائي تي مقابلو ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Uganda school fire: 'Arson attack' leaves 10 dead

يوگنڊا ۾ شاگرد اسڪول کي باهه ڏئي ڇڏي، 11 ٻارڙا سڙي فوت

يوگنڊا ( ويب ڊيسڪ ) آفريڪي ملڪ يوگنڊا ۾اسڪول مان نيڪالي ڏيڻ تي ناراض شاگرد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے